محمد عمر چنو

محمد عمر چنو: سگهڙ محمد عمر ولد ڪريم بخش چني ڳوٺ بهمڻ، لڳ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، هيءُ پنهنجي وقت جو هڪ برجستو سگھڙ هو، پاڻ روينيو کاتي ۾ ڪوٽار هو، کيس لوڪ ادب جي ڪافي صنفن ۾ مهارت حاصل هئس، ريڊيو ۽ ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن ۾ شرڪت ڪيائين. محمد عمر چني 1988ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو